ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون

ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون

ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون

ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مَهان شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ 197 آزاد نظم شامل آهن، جيڪي شاعريءَ جي مختلف بحرن ۽ وزنن تي نئين گهاڙيٽي تحت لکيل آهن. سنڌي جديد شاعريءَ ۾ هيءُ ڪتاب، آزاد نظم جي حوالي سان اهم حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جو مهاڳ شيخ اياز خود لکيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي شاعري ۽ عالمي شاعريءَ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. شيخ اياز مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”شاعريءَ جي تخليق وقت جسم روح ۾ بدلجي وڃي ٿو، مَن تَن جي پڃري جون تيليون ڊاهي هوا ۾ اڏامي ٿو، زندگي پنهنجا سارا ٻنڌڻ ٽوڙي، پنهنجي غلاميءَ مان اَجهل آزادي ماڻي ٿي ۽ ريت جي ڪَڻ ڪَڻ کان وٺي تارن جي رم جهم تائين ساري ڪائنات شاعريءَ جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي.“
هن ڪتاب جي ارپنا موتي پرڪاش ۽ ڪَلا پرڪاش جي نالي، هنن لفظن ۾ ٿيل آهي: ”مون چاهيو ٿي ته اوهان کي پنهنجو بهترين ڪتاب ارپيان، سو اڄ هيءُ ڪتاب اَرپي رهيو آهيان...پڪي جلد ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 290 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي مڪتبه دانيال ڪراچي، آڪٽوبر 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو